سرينگر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين گذريل 75 سالن ۾ 4 لک کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو، ڪشمير ميڊيا سروس طرفان ڪالهه 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل هڪ ??پورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان ڀارت غير قانوني قبضي سان 35 لک کان وڌيڪ ڪشميري آزاد ڄمون ڪشمي??، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هجرت تي مجبور ٿيا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان 27 آڪٽوبر 2022ع تائين 96 هزار 140 ڪشميري شهيد ڪيا، جنهن ۾ 7 هزار 265 ڪشميرين کي حراست دوران وحشياڻي تشدد ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪيو ويو. ڀارتي فوجين ان عرصي دروان هڪ لک 65 هزار 293 ڪشميرين کي گرفتار ڪيو، هڪ لک 10 هزار 495 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ۽ عمارتن کي تباهه ڪيو، ڀارتي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ 22 هزار 951 ع??رت??ن بيواهه ٿيون، جڏهن ته هڪ لک 7هزار 883 ٻار يتيم ٿيا، ڀارتي فوجين جنوري 1989ع کان هن وقت تائين 11 هزار 256 ع??رت?? کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو، رپورٽ ۾ سرينگر ۾ قائم هڪ ??يسرچ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ مقرر ڀارتي فوجين جو انگ 15 لک هڪ هزار جي لڳ ڀڳ آهي، ڀارتي فوج جي جوانن جو تعداد 7 لک 50 هزا??، پيرا ملٽري اهلڪارن جو انگ 5 لک 35 هزا??، پوليس اهلڪارن جو انگ هڪ لک 30 هزار، اپيشل پوليس آفيسرن جو انگ 35 هزار جڏهن ته 50 هزار وليج ڊفينس ڪميٽيون آهن، مجموعي طور اهو تعداد 15 لک هڪ هزار بڻجي ٿو.