شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪوپ – 27 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ پاڪس??ان جي لاءِ وڏي پئماني تي تعاون جي اپيل کي ساراهيندي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي موسمياتي تبديلي جي ڪري درپيش چئلينج جو واضح اظهار آهي. وزيراعظم موسمياتي انصاف ۽ ماحولياتي يڪجهتي جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جي پڻ توثيق ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوسٽ ڊيزاسٽر نيڊز اسسمنٽ موجب ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو پاڪس??ان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جو اٽڪل 10 سيڪڙو بڻجي ٿو، پاڪس??ان کي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي تمام وڏي ڪم جي لاءِ پائيدار ترقي جي ماڊل جي بنياد تي سرسبز بڻائڻ جي لاءِ خاطرخواهه عالمي تعاون جي ضرورت پوندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گذريل مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد جي منظوري جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪس??ان سمورن ترقياتي حصيدارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ هڪ عالمي ”ڊونرز ڪانفرنس“ گهرائڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم گڏيل قومن پاران پاڪس??ان کي تجويز ڪيل ڪانفرنس ۾ هڪ ٺوس بحالي ۽ نئين سر تعمير جو منصوبو تيار ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ انٽر ايجنسي ٽيم جي جوڙجڪ کي پڻ ساراهيو جنهن جي قيادت ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڪندو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي ڪانفرنس عالمي برادري جي لاءِ هڪ وقت سر موقعو آهي ته اها ماحولياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي انصاف کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ برابر ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل قدم کڻي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪوپ – 27 جي اجلاس ۾ پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ هڪ اهم ”ڊيليوريبل“ هوندو. پاڪس??ان جي گروپ جي – 77 ۽ چين جي سربراهه هجڻ جي حيثيت سان ڪوپ – 27 اتفاق راءِ سان ”لاس اينڊ ڊميج فنانس“ تي هڪ ايجنڊا ائٽم کي شامل ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ ”پاڪس??ان پويلين“ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس پڻ ٿي.