اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، سمورا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اي?? اي?? آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اي??ڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت سمورا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم ??هباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان اي?? اي?? آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراج?? تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسي??. ٿ?? جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان جي امداد جي ضرورت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ادارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اي?? اي?? آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين اي?? اي?? آر سي سي احسن اقبال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اي?? اي?? آر سي سي جي جهنڊي هيٺان سمورا قومي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالمي امدادي ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.