اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين اسان جو پراڻو دوست آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ??اٿ ڏنو، سي پيڪ تحت ا??بين ڊالر جي ترقياتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري، چين جي پاڪستان سان دوستي جو واضح ثبوت آهي، چيني ڪمپنيون حڪومت جي سو??رائيزيشن منصوبي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان سي اي او ايس ڪي هائيڊو جي سربراهي ۾ چيني ڪمپني جي ??فد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيني ڪمپني جي پاڪستان ۾ پن بجلي منصوبن ۾ ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيني ڪمپني کي حڪومت جي سو??رائيزيشن جي منصوبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ??فد وزيراعظم کي ڪمپني پاران سو??رائيزيشن جي حوالي سان 600 ميگاواٽ جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. چيني ??فد وزيراعظم کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ 1 لک ڊالر جو ??مداد چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم چيني ڪمپني جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي جذبي کي ساراهيو.