پشاور – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي ريڊنگ اسپتال (ايل آر ايڇ) پشاور جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس لائينز جي مسجد ۾ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. صدر اسپتال جي مختلف ??ارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اسپتال انتظاميا کي ??دايت ڪئي ته انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. صدر سان گڏ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير محمد ا??ظم خان به هو. صدر زخمي پوليس اهلڪارن جي حوصلي کي ساراهيندي ان عزم کي ??رجايو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. هن ڌ??اڪي جي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.