اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته اسان سدائين ??لڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍيو، اهڙو وقت ايندو جو حالتون بدلجي وينديون، اهو منهنجو ايمان آهي، آءِ ايم ايف جي آخري شرط تي ڳالهه ٻولهه جار?? آهي، عمران خان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، دوست ملڪن جي خلاف اڳوڻي ح??مرانن بدزباني ڪئي، گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري مهانگائي جي لهر اچي ره?? آهي. مسلم ليگ (ن) جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي صدارت ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان سدائين ??لڪ کي مشڪل حالتن مان ڪڍيو، حالتون ڳنڀير آهن پر اسان جي نيت صاف آهي، انشاءَ الله حالتون بهتر ٿينديون، منهنجو ايمان آهي ته اهڙو وقت ايندو جو حالتون بدلجي وينديون. هن چيو ته آءِ ايم ايف وفاقي ح??ومت جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا آهن، آءِ ايم ايف جون اڳواٽ شرطون مڃي ورتيون آهن، گذريل حڪومت جي آءِ ايم ايف پروگرام جي ڪري مهانگائي جي لهر اچي ره?? آهي، آءِ ايم ايف جي آخري شرط تي ڳالهه ٻولهه جار?? آهي. هن چيو ته 10 ڪروڙ غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي شر??عات ڪئي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ غريبن کي رمضان ۾ مفت اٽو فراهم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڀائر ??لڪ پاڪستان جي وڏي مدد ڪري رهيا آهن، وزيراعظم محمد نواز شر??ف جي قيادت ۾ 2014ع کان 2018ع تائين پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن هو. هن چيو ته ??لڪ کي ٻوڏ جي تباهي آڻيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، 100 ارب رپيا رڳو وفاق کان ٻوڏ متاثرين کي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته عمران خان پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو، دوست ملڪن جي خلاف اڳوڻي ح??مرانن بدزباني ڪئي، چين جي منصوبن تي سنگين الزام هنيا ويا، عمران خان ۽ حوارين چيو ته چين جي منصوبن ۾ 45 سيڪڙو ڪرپشن ٿي، چين 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ انهي مددگار دوست تي ڪڌا الزام هنيا ويا. هن چيو ته اسرائيل سان واپار شر??ع ڪرڻ جو ڪوڙ ڦهلايو پيو وڃي جيڪو مذمت جوڳو آهي، هڪ انفرادي شخص جو پاڪستان حڪومت جي پاليسي سان ڪهڙو تعلق؟ فلسطينين کي حق ملڻ تائين پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم رهندو. هن چيو ته عمران خان پاڪستان کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪيو، پاڪستان جي ساک کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو، عمران خان سخت ترين شرطن تي آءِ ايم ايف پروگرام تي صحيحون ڪيون، پوءِ پاڻ خلاف ورزي ڪري ان پروگرام کي معطل ڪري ڇڏيو، عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام ناڪام بڻائڻ جي سازش ڪئي، عمران خان جا وزير سڳ سوڌو سازش ڪندي پڪڙيا ويا، عمران خان دور ۾ ججن کي ڌمڪيون مليون، ريفرنس داخل ٿيا. وزيراعظم پارٽي ميمبرن جي عزم ۽ همت ۽ وفاداري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته رياست بچائڻ جي لاءِ سياست قربان ڪري ڇڏي، پاڪستان بچي ويو ته سڀ خير آهي، پاڪستان کي نقصان پهچي ته اسان سڀ نقصان ۾ آهيون، انشاءَ الله وقت بدلجندو، نواز شر??ف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ??لڪ کي مسئلن مان ڪڍندي. هن چيو ته معاشي بهتري جي لاءِ سياسي استحڪام لازم?? آهي، سياسي عدم استحڪام پيدا ڪندڙن کي عدالت کان ڏينهن رات ريليف ملي رهيو آهي، اسان جي قيادت ۽ ميمبرن سان رويو ڪجهه ٻيو هو. هن چيو ته عمران خان جي گهرواريءَ عوامي نمائنده ۽ سرڪاري عهديدار نه هئي ته مريم نواز شر??ف وٽ ڪهڙو عهدو هو؟ اهو ترازو جي پلڙن جو فرق آهي. هن چيو ته پاڪستان اڄ حقيقت ۾ تاريخ جي نازڪ ترين موڙ مان گذري رهيو آهي، سڀني کي گڏجي فسطائيت جو مقابلو ڪرڻو پوندو، توهان جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دعا آهي ته منهنجي زندگي ۾ ??لڪ معاشي تنگدستي مان نڪري اچي يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ وڏي حد تائين بهتري اچي وڃي. وزيراعظم شهباز شر??ف پارٽي جي ميمبرن ۽ اڳواڻن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان مشڪل ترين حالتن ۾ قائد محمد نواز شر??ف ۽ پارٽي جو ڄمي ساٿ ڏنو، توهان مشڪل ترين حالتن ۾ جبل بڻجي پارٽي ۽ قيادت سان گڏ بيٺل رهيا، توهان تي فخر آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏني.