اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن را??لپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي ا??نڊ ٽرانسپلانٽيشن اسپتال ۾ يورالوجي شعبي جي سروسز جي شروعات جو افتتاح ڪندو. اها ??الهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. وزيراعظم ان دوران اسپتال ۾ مختلف وارڊز جو جائزو وٺندو. وزيراعظم کي ان موقعي تي اسپتال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ان موقعي تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.