اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج ۾ جنم ورتو، عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آه?? ته پارليامينٽ جو قانون جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، تي عدالت منع نامو جاري ڪري ڇڏي، اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين. هو ??اڪ??تان جي 1973ع جي آئين جي موبائيل ايپ جي اجراءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي ڊيجيٽل ايپ تي دستياب هجڻ سان شاگرد، شاگردياڻيون ۽ ڪروڙين ??اڪ??تاني آئين جي منشا ۽ ??اڪ??تان جي آئين جي بنيادي اساس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي حسن اتفاق آه?? ته مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي پي ٽي آءِ جي هن بلڊنگ گذايو جڏهن هڪ غيرآئيني قدم کنيو ويو هو ۽ اڄ الحمدالله آئين جي احترام ۽ آئين جي شقن کي هر خاص ۽ عام تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻيهر هن عمارت ۾ موجود آه??ان. هن آئين جي بانين جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ذوال??قا?? علي ڀٽو، مفتي محمود مرحوم، مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم، خان عبدالولي خان جهڙيون قدآور شخصيتون هيون جيڪي پنهنجي سياسي سوچ موجب پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪري رهيا هئا پر ??اڪ??تان جي آئين لاءِ انهن پنهنجا سمورا اختلاف وساريندي هن آئين کي تخليق ڪيو ۽ اهڙي طرح رهندڙ دنيا تائين انهن جو نالو سدائين سنهري لفظن ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو، آئين جي تشريح عدليه ڪري سگهي ٿي اهو ان جو اختيار آه?? پر عدليه آئين کي ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، اهو رڳو پارليامينٽ جو اختيار آه?? ۽ اهو رڳو ??اڪ??تان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آه??. وزيراعظم چيو ته اڄ ??اڪ??تان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آه??، مون سميت اسان سياستدانن کان بي شمار غلطيون ٿيون ۽ وڏا ماڻهو اهي ئي هوندا آه?? جيڪي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿا ۽ قوم جي اعليٰ ۽ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي ذات کي قومي مفادن جي تابع ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته يقينن اسان سبق سکيو آه?? ۽ انشاءَ الله اسان ??اڪ??تان جي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آه??ون ۽ رهنداسين، آئون بنا ڪنهن پاڻ وڻائڻ جي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان کي تمام گهڻين مشڪلاتن حالتن ۾ هي اقتدار مليو ۽ بنا ڪنهن سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ وڃڻ جي آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان ان ڳالهه تي پوري طرح هڪ آه??ون ته اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست کي بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ قطعي طور هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين ۽ اهڙي طريقي سان آئون هتي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جتي اسان کي پنهنجي غلطين جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي اتي اسان کي اهو چوڻ ۾ به ڪا هٻڪ نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آه?? ته پارليامينٽ جي قانون کي جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، عملي شڪل به اختيار نه ڪئي هجي ته عدالت ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آه?? ۽ ان تي پارليامينٽ پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي، اهڙي طريقي سان آئين جي اعليٰ عدليه سدائين تشريح ڪئي آه??، اهو ان جو حق آه?? ۽ اهو ٿيندو رهيو آه?? پر ڪڏهن آئين کي ”ري رائٽ“ نه ڪيو ويو، ڊڪٽيٽرز آئين کي ٽوڙيو آه??، ان جو هڪ نه ڪيترائي مثال آه?? پر اسان، عدليه، اعليٰ عدليه، بئنچ ۽ بار مان اميد ڪريون ٿا ته اهي آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو آئين نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو موجوده دور جو بهترين فيصلو آه??، اسڪولن ۾ پرائمري ۽ اعليٰ در??ن ۾ يونيورسٽي جي سطح تي آئين جي نصاب جو حصو بڻجڻ سان آئين ۽ قانون ??اڪ??تان جي ٻار ٻار کي ياد ٿي ويندو جنهن سان قانون جي حڪمراني ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ??اڪ??تان جي پارليامينٽ ۽ نادرا جي عملدارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??اڪ??تان جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا ويا اهي ساراهه جوڳا آه??. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جي نوجوان نسل آئين جي ان ڪتاب جو چڱي طرح مطالعو ڪندي، ان کي ياد ڪندي ۽ ان تي تعليمي ادارن ۾ بحث ٿيندو جنهن سان قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ هتي آئين جي پاسداري ۽ استحڪام جي لاءِ آيو آه??ان، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن آئون هتان گذريو هئس ته اها هڪ اونداهي رات هئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ??اڪ??تان کي سدائين آباد رکي.