اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سوشل ۽ آن لائين ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ دهشتگردي جي روين بابت مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪ??و ويو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن ڊيجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفن سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي تي وقتي هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي عوام کي مبارڪباد ڏني. ان م??قع?? تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برطانيا جو تازو دورو ۽ ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل دوستي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي عزم ج?? اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فلم سازي ۽ ميڊيا ٽريننگ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ صحت، تعليم، گورننس ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ برطانوي حڪومت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان م??قع?? تي برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪ??تا?? جي موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سميت اطلاعات جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪ??تا?? جا 7 درجا بهتر ٿيڻ تي خوش آئنده قرار ڏنو. اطلاعات واري وزير کي مبارڪباد ڏني. برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر پاڪ??تا?? جي اقتصادي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گهري دلچسپي ج?? اظهار ڪيو.