پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي م??اه??ي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي م??اه??ي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر ج?? ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن ??انمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر ج?? ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي م??اه??ي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن ??ي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم م??ئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف ج?? ٿورا مڃيا.