اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، چئ??ي صوبائي گورنرن، مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ايمل ولي خان ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي ٽيليفون ڪيو ۽ انهن کي عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏ??يو??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف آزاد رياست ڄمون ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود کي ٽيليفون ڪري عيد جون مبارڪون ڏ??يو??. وزيراعظم هن لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دل??ري ۽ ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ تي بهادر ڪشميرين کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آزاد ڪشمير جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين جي آزادي تائين پاڪستان طرفان هر ممڪن حمايت ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوه ۽ بلوچستانجي گورنرن کي به ٽيليفون ڪئي ۽ انهن کي عيد جون مبارڪون ڏ??يو?? ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف حڪمران ??تح??د ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، خالد حسين مگسي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايمل ولي خان کي ٽيليفون ڪيو ۽ ??تح??دي پارٽين جي اڳواڻن کي عيد جون مبارڪون ڏ??يو?? ۽ خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم ۽ ??تح??دي پارٽين جي اڳواڻن ملڪي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??تح??دي پارٽين جي اڳواڻن کي مينجنگ ڊ??ئريڪٽر آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت به آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي به ٽيليفون ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏ??يو??. وزيراعظم هٿياربند فوج جي پيشيواراڻه مهارت ۽ عسڪري تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.