اسلام ??باد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان جي طاقت بحيثيت قوم اسان جي اتفاق ۽ اتحاد ۾ آهي، اسان سڀ گڏجي ڪنهن به چ??لي??ج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ روشن مستقبل ٺاهي سگهون ٿا، اسان کي پاڪستان ۾ موجود سمورن ماڻهن کي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪر??ا آهن. نئين هجري سال 1445هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پهرين محرم الحرام ??ان اسلامي هجري ڪيلينڊر جي سال 1445هه جي شر??عات ٿي رهي آهي. آئون الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهيان ته هي هجري سال پاڪستان، پاڪستاني قوم، اسلامي دنيا ۽ سڄي دنيا جي لاءِ رحمت ۽ برڪت جو سبب بڻجي. هن چيو ته نئين اسلامي سال جي شر??عات سڄي دنيا جي مسلمانن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. نئون سال اسلام ??ي خاطر ڏني ويندڙ قربانين کي ياد ڪري پنهنجي ايمان ۽ عزم کي مضبوط ڪر?? جو ذريعو آهي. هن نئين هجري سال جي شر??عات تي اسان ان ڳالهه جو عزم ڪريون ٿا ته پنهنجي نبي پاڪ ﷺ جي زندگي ۽ انهن جي تعليم مان سبق حاصل ڪنداسين ۽ انهن جي ٻڌايل درس حيات کي پنهنجي زندگين ۾ لاڳو ڪريون. پنهنجي معاشري ۾ همدرديءَ، انصاف، اتحاد ۽ رواداري جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اهي قدر اسان جي اسلامي ورثي جو مرڪز آهن ۽ هم آهنگي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهن. صدر چيو ته محرم اسلامي ڪيلينڊر جو پهريون مهينو آهي ۽ اهو اسان جي روحاني زندگي ۾ هڪ نئين سفر جي شر??عات ڪري ٿو. جڏهن ته محرم هڪ اهڙو مهينو به آهي جنهن ۾ اسان پنهنجي پيغمبر محمد ﷺ جي ڏوهٽي سيدنا امام ??سين رضه الله عنه ۽ اهن جي عظيم ساٿين جي ڪربلا جي معرڪه ۾ شهادت ۽ قرباني کي ياد ڪريون ٿا. ڪربلا جو معرڪو اسلامي تاريخ جو هڪ اهم واقعو آهي، جيڪو ظلم جي مقابلي ۾ جرئت، قرباني ۽ ثابت قدمي جو مثال آهي. امام ??سين رضه الله عنه پنهنجي پيروڪارن جي ننڍي گروهه سان ناانصافي ۽ ظلم جي خلاف اٿي بيٺا ۽ حق ۽ انصاف جي اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته امام ??سين رضه الله عنه جي قرباني ظلم جي خلاف بيهڻ ۽ اسلام ??ي قدرن جي دفاع جي لازوال ياد ڏ??ار?? ٿي. اهو اسان کي وڏي مصيبت جي باوجود انصاف تي قائم رهڻ جي اهميت سيکاري ٿو. ڪربلا جا واقعا سڄي دنيا جي لکين مسلمانن کي قرباني ۽ مضبوط ايمان جي قدرن کي اختيار ڪر?? تي آماده ڪن ٿا. صدر عارف علوي چيو ته جڏهن اسان هن نئين هجري سال جي شر??عات ڪريون ٿا ته اهو ياد رکڻ تمام ??روري آهي ته اسان جي طاقت بحيثيت قوم اسان جي اتفاق ۽ اتحاد ۾ آهي. يقينن اسان سڀ گڏجي ڪنهن به چ??لي??ج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ هڪ روشن مستقبل ٺاهي سگهون ٿا. اسان کي پاڪستان ۾ موجود سمورن ماڻهن کي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪر??ا آهن. هن دعا ڪئي ته الله ڪري هي نئون هجري سال اسان جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ خوشيون آڻي ۽ اسان هڪ بهتر مستقبل طرف اڳتي وڌون. الله تعاليٰ پاڪستان ۽ ان جي عوام ??ي پنهنجي رحمت نازل فرمائي ۽ اسان سڀني کي گڏجي ترقي، خوشحالي ۽ امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪم ڪر?? جي توفيق عطا فرمائي.