اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور جي ??حتساب عدالت مان بريت تي شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي ??اهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ هن چيو ته الحمدالله لاهور جي ??حتساب عدالت مني لانڊرنگ جي ??ياسي انتقام تي ٻڌل ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيس ۾ اڄ مون کي ۽ حمزه شهباز کي بري ڪري ڇڏيو جنهن تي الله جو جيترو شڪر ادا ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. هن چيو ته سياسي انتقام ۾ هي اهو ئي ڪيس آهي جنهن ۾ برطانيا جي ??المي ساک رکندڙ نيشنل ڪرائيم ايجنسي ٽن ملڪ?? ۾ 40 سال جو رڪار?? ٻن سالن تائين کنگاليو ۽ ڪجهه نه ملڻ تي اسان کي ڪلين چِٽ ڏني هئي. برطانيا جي ڊيلي ميل ۾ ڊيفيڊ جي فنڊز ۾ گهپلي جي ڪوڙي خبر ڄاڻي واڻي شايع ڪرائي وئي هئي پر ان ۾ به الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو ۽ ڊيلي ميل کي معافي وٺڻي پئي. هي اهو ئي ڪيس هو جنهن ۾ ناحق مون کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، حمزه شهباز کي قيد ۾ رکيو ويو ۽ ڪورونا وبا دوران سخت بيمار هجڻ جي ??اوجود حمزه کي ڊاڪٽر وٽ به نه موڪليو ويو، ان جي معصوم ڌيءَ سان ملڻ تائين نه ڏنو ويو. ”واٽس ايپ“ احتساب، بدترين ميڊيا ٽرائل ۽ بيگناهي جي قيد جو اڄ ڪو ازالو ٿي سگهي ٿو؟ سياسي انتقام جي ??اهه ۾ سرندڙن کي دنيا ۾ ته جواب ملي ويو پر انهن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي عدالت ۾ ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته انتقامي انڌيرنگري جي ??ن ڪاري دور ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ، اسان جي ??يگناهي تي اعتماد رکڻ ۽ هر جڳهه تي اسان جو حوصلو وڌائيندڙ محسنن، دوستن، وڪيلن ۽ عوام جا ٿورا مڃان ٿو.