اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻار?? کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمت?? کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاو?? کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي لاءِ موج??ده حڪومت خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوشش?? کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور جار?? رکندو. وزيراعظم ۽ بل گيٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي لازمي ??دمتن جي فراهمي ??ابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ ??ي (راست) ۽ قومي ??چاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ۽ بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جار?? رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.