اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح ت?? لاڳاپي?? عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول جي سخت طريقيڪار کي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن سمورن وڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ت?? ضروري شين ۽ خدمتن جون ق??متون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منتقل ڪرڻ طرف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان ت?? سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.