مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ??نوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قب??و ڪري ??ياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ??لمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري ??گهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ??نوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قب??و ڪري ??ياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري ??و حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري ??وام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري ??هيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڪشميري ??وام اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري ??گهي.