اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ جي فروغ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ بي آءِ ايس پي جي ڊيٽابيس کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ??اڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب، غربت جي خاتمي واري وزارت جي سيڪر??ٽر?? يوسف خان ۽ ٻين سرڪاري آفيسرن شرڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي پروگرام جي هيستائين جي نتيجن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان پوري ملڪ ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ خاندانن جا 6 ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻي رهيا آهن جڏهن ته هن سال پروگرام جي ڪل بجيٽ 471 ارب رپيا آهي. نگران وزي??اع??م بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق خاندانن جي معاونت تي پروگرام جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. نگران وزي??اع??م چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا نتيجا انتهائي خوش آئنده آهي پر پاڪستان جو پائيدار مستقبل ماڻهن جي مالي پاڻڀرائپ سان واڳيل آهي. ان حوالي سان نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي معاشري ۾ مالي پاڻڀرائپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هداي?? ڪئي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي هداي?? ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو هڪ بهترين ڊيٽابيس آهي جنهن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي لاءِ استعمال ۾ آندو وڃي. نگران وزي??اع??م لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان حڪومت ۽ مقامي انسان دوست تنظيمن جي وچ ۾ حصيداري جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. نگران وزي??اع??م چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بينيفشريز جي لاءِ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب فني تربيت جي فراهمي سان اهل ??اڻهو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهندا. نگران وزي??اع??م چيو ته وڏا ڪاروباري ادارا ۽ سرندي وارا ماڻهو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبليٽي تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا حصيدار بڻجن. نگران وزي??اع??م هداي?? ڪئي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مقامي خيراتي ۽ فلاحي تنظيمن سان پارٽنرشپ ڪري. نگران وزي??اع??م ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان رياست ڪمزور طبقن جي هر م??ڪن مدد ڪندي ته جيئن اهي هڪ پراميد زندگي گذاري سگهن.