اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ ??ول??گي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مالي ضرورت پو??ي ڪرڻ جي لاءِ ڪو بحران نه آهي، اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جا??ي ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ا??لا??ات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته و??اقي ڪ??بينا اليڪشن ڪميشن جون بجيٽ ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ 42 ارب رپين جي منظوري ڏني هئي، 10 ارب رپين جي رقم اڳ ۾ ئي جا??ي ڪئي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن منظور ٿيل بجيٽ جي رقم مان 17.4 ارب رپيا جا??ي ڪرڻ جي لاءِ رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته اي سي پي کي جيڪا به بجيٽ جي رقم گهربل هوندي، ان جي ضرورت موجب جا??ي ڪئي ويندي، اسان آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ مضبوطي سان بيٺل آهيون.