اسلام آباد ??? 28 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پا??ستاني مشنز ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ سميت پا??ستان جي ٻاهرئين دنيا سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي ان جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ ڪم جاري رکندا. نگران پرڏيهي وزير اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت ۾ بيٽ رپورٽرز سان سال جي پڄاڻي تي ڳالهه ٻول??ه دوران ڪيو. نگران پرڏيهي وزير عالمي پرڏيهي پاليسي جي دائري ۾ پا??ستان جي ڪاميابين جو جائزو ورتو ۽ قيادت جي اعليٰ سطحي دورن تي روشني وڌي جيڪي اهم ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻيا آهن. ان موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ، اخبارن ۽ ٽيليويزن سميت ميڊيا جا نمائندا، اسلام آباد ۾ رهندڙ غيرملڪي نمائندا ۽ پرڏيهي وزارت جا عملدار پڻ موجو?? هئا. ان موقعي تي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي جيڪو گذريل ڏينهن ا??لام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو.