اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي م??رر پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پوري قوم سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد ف??اه?? ڪرڻ جي هد??يت ڪئي. هن ??يو ته پوري قوم سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليو ورڪرز کي سلام پيش ڪري ٿي. هن ??يو ته دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي ڪڌي م??صدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي تائين پوليو جي خاتمي واري م??م ڀرپور طريقي سان جاري رهندي، عوام پوليو ويڪسين جي حوالي سان ڪنهن به منفي پروپئگنڊه جي دوکي ۾ نه اچي. هن ??يو ته الزهره يونيورسٽي ۽ سڄي دنيا جا عالم پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي توثيق ڪري چڪا آهن.