ڊيووس – 18 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ دبئي جي حڪومت مواصلات، ريلوي ۽ سامونڊي معاملن جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات ۾ قائم ملٽي نيشنل لاجسٽڪ ڪمپني ”ڊي پي ورلڊ“ جي گروپ چيئرمين ۽ سي اي او سلطان احمد بن س??يم ملاقات ڪئي. نگران وزي??اع??م پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڪا??وب??ري ادارن جي وچ ۾ رابطي ۽ تعاون جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان جي اهميت جو ذڪر ڪيو. نگران وزي??اع??م پاڪستان ۾ پنهنجي ڪا??وب??ري سرگرمين کي وسعت ڏيڻ ۾ ڊي پي ورلڊ جي دلچسپي جي آجيان ڪئي ۽ ڪمپنين کي حڪومت پاران ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو. پاڪستان واپار ۽ صنعتي سرگرمين جي محور جي طور تي پنهنجي جاگرافيائي ۽ اقتصادي ويزن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حصيدار ادارن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ملاقات کانپوءِ نگران وزي??اع??م مواصلات، ريلويز ۽ سامونڊي معاملن وارين وزارتن ۽ دبئي جي حڪومت جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ بين الحڪومتي فريم ورڪ معاهدن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ دبئي حڪومت پاران ڊي پي ورلڊ نمائندگي ڪئي. معاهدن تحت پاڪستان ۾ ٺوس فريٽ ڪوريڊور، ملٽي ماڊل لاجسٽڪ پارڪ ۽ ريلوي نيٽ ورڪ تي مال برداري جا ٽرمينلز قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي اقتصادي زون قائم ڪرڻ ۽ پورٽ ق??سم ۾ نيوي گيشن چينل جي ڊريجنگ جي معاملن ۾ تعاون ڪيو ويندو.