بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن ??نگ پاڪستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن ??نگ چيو ته چين ۽ پاڪستان سٺا پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي ??ول?? آهي. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي ??رق??ار رکيو آهي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن ??اب?? معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي تر??ي کي ??رق??ار رکيو آهي. شي جن ??نگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي. هن چيو ته هو پاڪ چين لاڳاپن جي تر??ي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پاڪستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آپريٽو پارٽنرشپ جي تر??ي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پاڪستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.