اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار سردار اياز صادق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. حڪومتي اتح??دي پارٽين جي وفد اتح??دي پارٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سردار اياز صادق، عليم خان، صادق سنجراڻي، يوسف رضا گيلاني، ??ورشيد شاهه ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کانپوءِ سردار اياز صادق چيو ته حڪومتي اتحادين ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ??يم ڪيو ايم پاڪستان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اڳتي سڀني کي گڏجي هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، ??در ۽ سينيٽ چيئرمين جي ووٽ لاءِ به ايم ڪيو ايم وٽ وينداسين، مسلم ليگ (ن) جي ايم ڪيو ايم جي مقامي آئيني ترميم بابت مطالبي کي تسليم ڪيو ويو آهي، ??يم ڪيو ايم جي مطالبي تي پيپلزپارٽي ۽ ٻين اتح??دي دوستن سان ويهي لائحه عمل ٺاهينداسين. هن چيو ته ماڻهن جي بهتري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو پليٽ فارم استعمال ڪنداسين، خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوريت هڪ تسلسل سان اڳت?? وڌي رهي آهي، ??مهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائڻ گهرجن جنهن لاءِ پاڪستان جي آئين جي مدد وٺن جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان جي آئين موجب عوام جي حقن لاءِ جڳهه ۽ گنجائش هجڻ گهرجي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) اسان جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته اسان جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نٿا چاهيون، جڏهن ته عوام جي ??رڪ?? پاڪستان جي جمهوريت ۾ نه هوندي ته جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، ??سان واعدو ڪيو آهي ته انشاءُ الله ووٽ ڏينداسين.