رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اقتصا??ي فورم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم عالمي صحت جي ايجنڊا جي حوالي سان هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪندو. عالمي اقتصا??ي فورم جي سائيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد ا??جا??ر الصباح سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي سعودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪار?? وارن وزيرن سان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، عالمي مالياتي فنڊ جي منيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سان پڻ ملاقات ٿيندي.