بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين توانائي، بئنڪنگ ۽ مالياتي شعبن ۾ تعاو?? کي مضبوط بڻائڻ ۽ رابطن جي منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي حمايت ڪرڻ ۽ ”اپ گريڊ ورزن“ بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي. بيجنگ ۾ ٿيندڙ پاڪ چين پرڏيهي ??زيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي ??زير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيني پرڏيهي ??زير وانگ يي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران ڌرين اسٽريٽجڪ، اقتصادي، سياسي، دفاعي ۽ سلامتي، واپار، سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي ڊوميز ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جي سمورن ??عبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. تقريب کانپوءِ جاري گڏيل بيان موجب گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين پنهنجي گڏيل مفادن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل طور تي قدم کڻڻ، ٻنهي ??لڪن جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان ۽ چين اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاو?? کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ چين جي 8 وڏن قدم?? کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل طور تي ترقي جي لنگهه جي تعمير جي ذريعي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو هڪ ”اپ گريڊ ورزن“ جوڙن تي اتفاق ڪيو. ڌرين ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن، گوادر بندرگاهه، قراقرم هاءِ وي فيز ٽو جي ري الائنمنٽ، زراعت، صنعتي پارڪس، کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مقامي حالتن موجب ٻين شعبن ۾ تعاو?? کي مضبوط بڻائڻ سميت اهم رابطن جي منصوبن تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته دره خنجراب ٻطرفي واپار ۽ عوام جي وچ ۾ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دره خنجراب جي سڄو سال کليل رهڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت سميت مالي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ تعاو?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو، پاڪستان پنهنجي مالياتي شعبن ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفت?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ چي?? کي ساراهيو، ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر آهن ۽ ان حصيداري جو بنياد مضبوط دوستي ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد تي قائم آهي. ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته ڌرين ٻنهي ??لڪن جي اڳواڻن پاران طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ تي عملدرآمد ۽ سمورين سطحن تي مٽاسٽا کي فروغ ڏينديون، رياستي نظم ۽ ضبط ۾ تجربي جي مٽاسٽا کي سگهه ۽ سمورن ??عبن ۾ تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. چين پاڪستا?? کي ڪامياب عام چونڊون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نئين پاڪستاني حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته پاڪستان صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ نئين دور ۾ چين جي اهم ترقياتي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پاڪستان ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ تائيوان سنڪيانگ، زي زانگ، هانگ ڪانگ ۽ بحيره ڏکڻ چين تي چين جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. چين پاڪستان جي خودمختياري، قومي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، پاڪستان جي ترقي، دهشتگردي جو مضبوطي سان مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وڏو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين هن سال 26 مارچ تي پاڪستان ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي چيني قافلي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته چين پاڪستان تعاو?? کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي وئي ته پاڪستان ڏوهاري?? کي ڳولڻ ۽ انه?? کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندو، وڌيڪ موثر حفاظتي قدم کڻندو ۽ پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن ??ي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. ڌرين هر قسم جي دهشتگردي ۾ ”زيرو ٽالرنس“ رويي سان مقابلو ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ هڪ جامع موقف جي ذريعي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي ۾ تعاو?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين خلائي تعاون ۾ توسيع تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خلا جي پرامن ۽ گڏيل طور تي فائديمند ڳولا جي لاءِ ا?? کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ، سمورن ??ل طلب تڪرارن ??ي حل جي ضرورت ۽ ڪنهن به هڪطرفي ڪارروائي جي مخالفت تي زور ڏنو. پاڪستان چي?? کي ڄمون ۽ ڪشمير جي تازه ترين صورتحال کان آگاهه ڪيو، چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تاريخي تڪرار کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفن معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان پائيدار ترقي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ چين جي ڪوشش?? کي ساراهيو، ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن، گهڻ رخي ۽ آزاد واپار جي حمايت ۽ ”سمال سرڪلز“ ۽ ”بلاڪ ڪنفرنٽيشن“ جي مخالفت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ??لڪن افغانستان جي معاملي تي رابط?? کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن انساني صورتحال ۽ اقتصادي ترقي جهڙن شعبن ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مدد جي لاءِ عالمي برادري جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ته جيئن افغانستا?? کي هڪ ٺوس سياسي ڍانچو ٺاهڻ، اعتدال پسند پاليسيون اختيار ڪرڻ، سٺي پاڙيسريت تي عمل ڪرڻ ۽ دهشتگردي کي مضبوطي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري سگهجي ۽ اهو ته هو پنهنجي سرزمي?? کي دهشتگرد ڪاررواين جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏي. ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين اسرائيل تڪرار مان نڪرڻ جو بنيادي رستو ٻه رياستي حل ۽ فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران منظور ڪيل قرارداد کي قانوني لحاظ کان فوري طور تي غيرمشروط ۽ پائيدار جنگبندي جي حصول جي لاءِ موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي فلسطين جي مسئلي ۾ فوري طور تي وڌيڪ احساس سان ڪوششن ۾ اضافي سان گڏوگڏ فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جلد کان جلد امن ڳالهين جي بحالي جي لاءِ ڪوششون تيز ۽ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي.