اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??ندي ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي. وز??راعظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ??يو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ??يو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وز??راعظم ??لا??قائي رابطن ۽ ??لا??قائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وز??راعظم محمد شهباز شريف کي قزاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وز??راعظم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.