راولپنڊي- 14 آگسٽ (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ڪوڙين خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪستاني عوام ۽ فوج وچ ۾ تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جڏهن ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو پيو وڃي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف سيد عاصم منير يوم آزادي ??ي حوالي سان پاڪستان آرمي جي اڳوڻن ??وج??ن جي اعزاز ۾ پروقار تقريب جي آجيان ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ريٽائرڊ ??وج?? آفيسرن ۽ جوانن شرڪت ڪئي. آرمي چيف ان موقعي تي اڳوڻن ??وج?? اهلڪارن جي خدمتن تي کين تحسين پيش ڪيو. هن چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتحاد ۽ استقامت جي اهميت تي زور ڀريو ۽ اڳوڻن ??وج??ن کي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. اڳوڻن ??وج??ن پاڪ آرمي جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ??ي حمايت جو عهد ڪ??و. ??ها تقريب پاڪ فوج ۽ ان جي اڳوڻن ??وج??ن وچ ۾ گه??ي رشتي جي عڪاسي هئي.