اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ا??لام آباد ۾ 100 بسترن تي ٻڌل جديد اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي، جنهن کي نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن ۽ ترڪيه جي نجي ڪمپني جي سهڪار سان تعمير ڪئي ويندي، هن اسپتال جي تڪميل سان پول??س جي جوانن، انهن جي ڪٽنبن ۽ عام شهرين کي صحت جون جديد سهولتون ملنديون. پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته انٽرنيشنل اسپتال جو هي منصوبو نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. هن نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن جي نون منصوبن جي واکاڻ ڪندي چيو ته صابر احمد جي آمد نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن کي ٻيهر متحرڪ بڻائي ڇڏيو آهي، ان جي سموري آمدني شهيدن ۽ پول??س جي ويلفيئر تي لڳائي پئي وڃي. گهرو وزير چيو ته شهيد ۽ پول??س جوانن جي ??لا?? ۽ بهبود لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هي ا??پتال ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن ۽ سي ڊي اي جي گڏيل سهڪار سان نئين منصوبي تي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هي منصوبو صرف اسلام آباد تائين محدود نه هوندو پر صوبن ۾ به شهيدن ۽ پول??س جي جوانن جي ??لا?? ۽ بهبود لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن ويجهڙ ۾ حيدرآباد ۾ شهيدن ۽ جوانن لاءِ هڪ منصوبو مڪمل ڪيو آهي. ان اسپتال جي تعمير لاءِ نيشنل پوليس ??ائ??نڊيشن زمين فراهم ڪئي آهي جڏهن ته اسپتال جي تعمير مڪمل طور ترڪيه جي هڪ ڪمپني ڪري رهي آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب روپيا آهي. گهرو وزير ان موقعي تي ان ڳالهه جو به اعلان ڪيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن پول??س جي جوانن کي وڌيڪ بهتر تربيت فراهم ڪري سگهجي.