اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) گوگل پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوا??ن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان ت??اون جو فيصلو ڪيو آهي، گوگل 2026ع تائين پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ معيشت کي مڪمل طور تي ڊ??جي??ل ڪرڻ جا قدم کنيا پيا وڃن، نوجوا??ن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لا??ِ فنڊز رکيا ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گوگل جي ايشيا پيسفڪ ريجن جي صدر اسڪاٽ بيومونٽ جي قيادت ۾ گوگل جي 4 رڪني وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت ڊ??جي??ائيزيشن طرف گامزن آهي. ايندڙ 5 سالن ۾ 25 بلين آمريڪي ڊالر جي روانگي واپار جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي حڪومتي منصوبن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته نوجوا??ن جي تربيت، آءِ ٽي انفراسٽرڪچر ۽ ريگيوليٽري نظام جي بهتري جي لا??ِ فنڊز رکيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مڪمل طور تي ڊ??جي??ل ڪرڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم معيشت جي ڊ??جي??ائيزيشن جي حوالي سان گوگل جهڙي وڏي آءِ ٽي ڪمپني جي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڊ??جي??ل معيشت کي اڳتي وڌائڻ ۾ گوگل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ گوگل جي انهن قدمن کي ساراهيو جن جي ڪري گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين پاڪستانين جي زندگين ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گوگل رڳو 2023ع ۾ پاڪستاني نوجوانن کي 10 لک جي لڳ ڀڳ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي جيڪو ڊ??جي??ل دنيا ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۽ پاڪستان جي نوجوا??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ گوگل جي عزم جو عڪاس آهي. آءِ ٽي جي حوالي سان حڪومتي قدمن کي ساراهيندي اسڪاٽ بيومونٽ چيو ته گوگل پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوا??ن جي تربيت جي حوالي سان حڪومت سان ت??اون جو فيصلو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪنالاجي جو معاشي بهتري جي لا??ِ استعمال، نوجوا??ن جي وڏي آبادي ۽ تيزي سان وڌندڙ معيشت گوگل جهڙي ٽيڪ ڪمپني جي لا??ِ اهم عمل آهن. هن چيو ته 2026ع تائين گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪندو.