اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪمانستان، چين پاڪستان اقتصاد?? راهداري (سي پيڪ) تحت گوادر بندرگاهه تائين رسائي حاصل ڪندڙ پهريون وچ ايش??ائ?? ملڪ هوندو. اختيارين مطابق گوادر بندرگاهه سي پيڪ جي مرڪز ۾ واقع آهي، جيڪو چين جي بيلٽ اينڊ روڊ قدم جو هڪ حصو آهي جنهن تحت بيجنگ پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ توانائي جي منصوبن ۾ 60 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري جو وعدو ڪيو آهي. ان جو مقصد پاڪستان ۾ روڊن، ريلوي، پائيپ لائينن ۽ بندرگاهن جي نيٽ ورڪ ذريعي چين کي عربي سمنڊ سان ڳنڍڻ ۽ اسلام آباد کي ??نه??جي معيشت کي هٿي ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان رپورٽ ۾ چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جلد ئي ان سلسلي ۾ هڪ معاهدي تي صحيحيون ڪندا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حڪومت سي پيڪ تحت گوادر پورٽ ۽ ترڪمان باشي پورٽ وچ ۾ معاهدي جي مسودي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پاڪستان ۽ ترڪمانستان پهرين ئي مختلف گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ ترڪمانستان- افغانستان- پاڪستان- ڀارت (تاپي) گئس پائيپ لائين، ريلوي ٽريڪ ۽ فائيبر ڪنيڪٽوٽي شامل آهن، ته جيئن ڏکڻ ۽ وچ ايشيا کي ملائي سگهجي. پاڪستان ??نه??جي اسٽريٽجڪ جيو پوليٽيڪل پوزيشن مان فائدو کڻڻ ۽ وچ ايش??ائ?? ملڪن کي باقي دنيا سان ڳنڍيندڙ هڪ اهم واپاري ۽ ٽرانزٽ حب طور ??نه??جي ڪ??دار کي وڌائڻ جي اميد رکي ٿو.