فيصل آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، ملڪي سلامتي ??ي لاءِ پاڪ فوج جي ??فيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي پاسداري ڪندي پنهنجو اڄ اسان جي ??ڀاڻي تي قربان ڪيو، قوم کي پاڪ فوج جي قربانين تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي ??لائقي اسپن وام ۾ فتنه الخوارج جي ??لاف وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جي فيصل آباد ۾ اباڻي گهر وڃي سندس گهرڀات??ن سان تعزيت ۽ شهيد جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، سينيٽر طلال چوڌري به وزيراعظم سان گڏ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جا شهيد مون سميت سڄي قوم جو فخر آهن، پاڪ فوج جا شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن. ملڪي سلامتي ??ي لاءِ پاڪ فوج جي ??فيسرن ۽ جوانن جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن. پاڪستاني قوم پنهنجي ??هيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ??دائين قرضي رهندي، هر قسم جي ??هشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ??لاف ڪامياب ڪارروايون ڪيون آهن. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دشمنن جو ??مي مقابلو ڪيو. هن اسان جي ??ڀاڻي جي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪيو. وطن سان وفا جي پنهنجي وچن جي هن پاسداري ڪئي. ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت 4 ۽ 5 آڪٽوبر جي وچ واري رات اتر وزيرستان جي ??لائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن جي ??لاف ڪارروائي جي موقعي تي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شهيد ٿي ويو هو، ان سان گڏ پاڪ فوج جي 5 نوجوانن به شهادت ماڻي هئي. جڏهن ته 6 دهشتگرد جهنم واصل ٿيا.