اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي وزيراعظم لي چيانگ چيو آهي ته چين پاڪستان جي ترقي ??ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي، گوادر علائقائي ترقي ??و محور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ت??مي?? جي ورچوئل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي وزيراعظم لي چيانگ چ??و ته گوادر ايئرپورٽ جي ت??مي?? تي چيني حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، چيني ۽ پاڪستاني ورڪرز ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ت??مي?? اهم سنگ ميل آهي. هن چ??و ته گوادر علائقائي ترقي ??و محور هجڻ سان گڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جو عڪاس آهي، چين پاڪستان جي ترقي ??ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، پاڪستان جي عوام جي خوشحالي اسان جي دل جي ويجهو آهي. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، گڏيل مستقبل ۽ ترقياتي هدفن جي لاءِ اسان جو عزم پختو آهي. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال پڻ خطاب ڪيو.