اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ??رڪزي اڳواڻ خرم دستگير خان چيو آهي ته پاڪستان جي شنگهائي تعاون ت??ظيم ۾ شموليت ملڪ کي هڪ اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي جتي هو علائقائي استحڪام ۽ تعاون لاءِ اهم آهي، ايس سي ??و ذ??يع?? پاڪستان دنيا کي اهو پيغام ڏئي سگهي ٿو ته هو پرامن حل ۽ سفارتڪاري ذ??يع?? چئلينجن کي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايس سي او ۾ فعال ڪردار ادا ڪندي پاڪستان خطي ۾ کليل رابطن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل سلامتي جي ??دمن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. تنظيم جو ميمبر هجڻ جي ??اطي پاڪستان نه رڳو پنهنجي ??اليسين کي اجاگر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي به بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهي ٿو. دستگير خان چيو ته شنگهائي تعاون ت??ظيم (ايس سي او) پاڪستان لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي جتي هو پرامن ڳالهين ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ تڪرارن کي سفارتي ذ??يع?? سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳاهه تي زور ڀريو ته ايس سي او ملڪن کي گڏجڻ، پنهنجي اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۽ علائقائي استحڪام ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او هڪ مضبوط ۽ باثر پليٽ فارم طور اڀريو آهي، جنهن نه رڳو خطي پر اولهندي ملڪن جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪرايو آهي. اها تنظيم عالمي منظرنامي ۾ پنهنجي اهميت ۽ اثر رسوخ کي مسلسل وڌائي رهي آهي، جيڪا مختلف ملڪن کي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪن کي گڏيل قدمن ذ??يع?? انهن چئلينجن جو موث?? جواب ڏين جو موقعو فراهم ڪري ٿي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو منصوبو علائقائي رابطن کي وڌائڻ، اقتصادي حصيداري کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي ۾ استحڪام قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وزيراعظم شهباز شريف جي اڻٿڪ سفارتي ڪوششن جي ??اکاڻ ڪندي چيو ته هن پاڪستان جي عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.