اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) واپار واري ??فاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته واپار واري ??زارت، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان سان گڏ ايٿوپيا ۾ منعقد ٿيندڙ ??نگ?? ڪنٽري ايگزيبيشن جي تياري ڪري رهي آهي، نمائش جو مقصد پاڪستاني واپارين کي ايٿوپيا جي اهم منصوبن سان جوڙڻ ۽ آفريقا جي 1.4 ارب ماڻهن جي وسيع مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪرڻ آهي. واپار واري ??زارت جي جاري ??ڌرائيءَ مطابق اهڙو اظهار هن ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال عبدالله سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ايٿوپيا ۽ وسيع تر آفريقي مارڪ??ٽ سان واپاري ??اتن کي وڌائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير مئي 2025ع ۾ عديس ابابا ۾ ٿيندڙ ??نگ?? ڪنٽري ??مائش جي انتظامن ۽ ايٿوپيا جي حڪومت طرفان سهڪار فراهم ڪرڻ تي سفير جو شڪريو به ادا ڪيو. واپار واري وزير چيو ته نمائش کان اڳ سڄي ملڪ ۾ سيمينارز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي دعوت ڏني ويندي. سفير چيو ته ايٿوپيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هفتي ۾ چار اُڏامون هلي رهيون آهن. هن چيو ته جلد ئي لاهور ۽ اسلام آباد کان به سِڌيءَ ريت اُڏامون شروع ڪيون وينديون. ٻنهي ڌُرين ان اميد جو اظهار ڪيو ته عديس ابابا ۾ ??نگ?? ڪنٽري ??مائش نه صرف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي مضبوط ڪندي پر پاڪستاني واپارين لاءِ وسيع تر آفريقي مارڪ??ٽ سان ڳنڍجڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور به ڪم ڪندي.