برسلز – 28 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ منع??د ??ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ??المي اتحاد“ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب عالمي اتحاد جو پهريون اجلاس گذريل سال سعودي عرب جي شهر رياض ۾ منعقد ٿيو هو. عالمي اتحاد جي شروعات گذريل سال رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ وچ اوڀر ۾ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن کي اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اسرائيلي قبضي جو خاتمو ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ پڻ شامل آهي. پرڏيهي سيڪريٽري فورم کي خطاب ڪندي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪيو ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع موقف، فلسطين جي هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ??ڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي وارو شهر هجي ۽ گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل ميمبرشپ سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ ??المي برادري جي ڪوششن کي تي?? ڪرڻ جي ضرورت تي ??ڻ زور ڏنو.