اسلام آباد- 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زردار??، فتنه
الخوارج جي دهشتگردن خلاف بروقت ڪا??روائي تي سيڪيورٽي فورسز کي
ساراهيو آهي. صدر مملڪت ڪا??روائ?? دوران 4 خوارج جهنم حوالي ڪرڻ
تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي تعريف ڪئي ۽ ڪا??روائ?? دوران
شهادت جو رتبو ماڻيندڙ سپاهي عامر سهيل آفريدي کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان ۾ صدر مملڪت
آصف علي زرداري، سيڪيورٽي فورسز کي خيبر ضلعي ۾ پاڪ افغان ب??رڊ??
تي مداخلت ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مملڪت ڪا??روائي
دوران 4 خوارج جهنم حوالي ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري جي
تعريف ڪندي ڪا??روائ?? دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي عامر سهيل آفريدي کي
خراج عقيدت پيش ڪيو. هن سپاهي عامر سهيل آفريدي شهيد جي حب الوطني
واري جذبي جي واکاڻ ڪئي ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ا??ها?? ۽
صبر جي دعا ڪئي. صدر مملڪت چيو ته پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي
فورسز ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي. صدر مملڪت
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت جي عزم جو
ورجاءُ ڪيو.