اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غي??مشروط جنگبندي سميت غزه جي پٽيءَ ۽ اولهندي ڪ??اري ۾ ا??دادي ڪاررواين جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي خلاف پابنديون هٽائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ?? چيو ته اسان فلسطين ۾ دشمني جي فوري خاتمي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جي خاتمي، شهرين ۽ شهري بنيادي ڍانچي جي تحفظ، فوري ضرورتمندن تائين غي??محدود انساني همدرديءَ جي پهچ، يو اين آر ڊبليو اي کي مڪمل تعاون ۽ ان جي لازمي انساني سرگرمين ۽ فوري ضرورتمندن کي صحت جي سارسنڀال جو مطالبو ڪريون ٿا. ترجمان عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ والاريل علائقن ۾ ا??سانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده قرار ڏي.