اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪينيا واپاري ناتن کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آه??. ڪالهه وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ و??اقي وزير چيو ته پاڪستان اوڀر آفريقي ملڪن ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ واپاري پُل ??ڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪينيا ۽ پاڪستان وچ ۾ زراعت، دوا سازي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آه??. پاڪستان ڪينيا سان چانهه جو وڏو امپورٽ ڪندڙ آه??. وفاقي وزير ان موقعي تي ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي ٻُڌايو ته ڪينيا پاڪستان جي هماليائي گلابي لوڻ، ماربل ۽ سيمنٽ جي موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن اوڀر آفريقا سان آزاد واپاري معاهدي تي ڪم تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ پاڪستان ۾ اوڀر آفريقي واپار تي خصوصي ڪانفرنس جي به تجويز ڏني. واپار واري وفاقي وزير ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا جي صنعتي دؤري جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي فعال ڪردار تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. وفاقي وزير چيو ته وچ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا ۽ پاڪستان کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ضروري آه??. پاڪستاني نجي ??مپنيون پاور سيڪٽر ۾ ڪينيا لاءِ موقعا فراهم ڪري سگهن ٿيون. ملاقات ۾ ڪينيا جي ميگا پراجيڪٽس لاءِ سيمنٽ ۽ اسٽيل جي فراهميءَ تي خيالن جي ??ي وٺ ٿي. ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان ڪينيا سان ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سٺو سنوڻ آه??. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.