اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٻنهي ملڪن ۽ خطي کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته ٻنهي طرفن دهشتگردن جي خلاف عالمي جنگ ۾ پنهنجي پنهنجي ڪردار ۽ قربانين کي سا??اه??ندي ٻطرفي سطح سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي تنظيمن ۾ دهشتگردي جي خاتمي، عالمي منظم ڏوهن، انساني ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ جاري تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم جمهُوريه تاجڪستان جي صدر کي مناسب موقعي تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تاجڪستان جي سرڪاري دوري جي پڄاڻي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم وچ ايشيائي خطي ۾ دهشتگردي ۽ ان جي مالي مدد جي خاتمي جي ل??ءِ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دوشنبي عمل جي فريم ورڪ ۾ گڏيل قومن سان اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ جي ل??ءِ جمهوريه تاجڪستان جي ڪوششن کي سا??اه??و. گڏيل بيان موجب افغانستان تي ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، خوشحال ۽ مستحڪم افغانستان علائقائي خوشحالي ۽ ترقي جي ل??ءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، ان حوالي سان هن چيو ته افغانستان جي ل??ءِ هڪ جامع حڪومت جو هجڻ ضروري آهي. بيان موجب ڌرين نسل پرستي، بنياد پرستي ۽ عدم برداشت جي ٻين قسمن، يا مذهب يا عقيدي جي نالي تي دهشتگرد حم??ن ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ نئين ۽ اڀرندڙ خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان لعنت کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن ۽ گڏيل ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ 15 مارچ کي عالمي ڏينهن طور ملهائڻ جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد ف??اه?? ڪرڻ تي تاجڪستان جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم جي تاجڪستان جي سرڪاري دوري جي پڄاڻي تي پاڪستان ۽ تاجڪستان جي گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي دعوت تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف 2 ۽ 3 جول??ءِ تي تاجڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. تاجڪ صدر جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقاتن دوران ڌرين تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري دوران وزيراعظم سان تاجڪستان جي پارليامينٽ جي هيـٺئين ايوان جي چيئرمين ذوڪرزاده محمد توير زوير ۽ تاجڪستان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده پڻ ملاقات ڪئي. تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن معاملن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي گڏيل تاريخ، ثقافت، جاگرافيائي مناسبت ۽ گڏيل عقيدي تي ٻڌل آهن. تاجڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم تاجڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ گڏيل اعتماد ۽ حصيداري جو حقيقي عڪاس آهي ۽ ان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ل??ءِ نيون ??اه??ن هموار ٿينديون. گڏيل بيان موجب ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن، ايس سي او، او آءِ سي، اي سي او ۽ سي آءِ سي اي سميت گهڻ رخي فورمز تي بهترين ٻطرفي تعاون کي سا??اه??و جڏهن ته عالمي ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي ل??ءِ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم 2029 – 2028ع جي ل??ءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي جمهوريه تاجڪستان جي نامزدگي جي حمايت ڪئي ۽ 26 – 2025ع جي مدي جي ل??ءِ سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي اميدوار طور تاجڪستان جي قابل قدر حمايت کي سا??اه??و. وزيراعظم واٽر ڊپلوميسي ۾ تاجڪستان جي قائداڻي ڪردار کي سا??اه??و ۽ تاجڪستان جي صدر کي مارچ 2023ع ۾ تاجڪستان ۽ هالينڊ پاران نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي 2023ع واٽر ڪانفرنس ۽ 10 کان 13 جون 2024ع تي ٽئين دوشنبي واٽر ايڪشن ڊڪيڊ ڪانفرنس سميت عالمي تقريبن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او منشيات جي خاتمي واري مرڪز قائم ڪرڻ جي ل??ءِ تاجڪستان جي قدم جي حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم جمهوريه تاجڪستان جي صدر پاران 2025ع کي گليشيئرز جي تحفظ جو عالمي سال قرار ڏيڻ ۽ گليشيئرز جي تحفظ جي ل??ءِ عالمي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي قدم کي پڻ سا??اه??و ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي لاڳاپيل قرارداد جي منظوري جي آجيان ڪئي. وزيراعظم تاجڪستان سان پاڪستان جي ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت رابطن جي اهميت تي زور ڏنو جيڪو ٻطرفي تعاون جي 5 ٿنڀن يعني سياسي، واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع ۽ ماڻهن جي رابطي سميت عوام جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل آهي. وزيراعظم پاران تاجڪستان جي ڪواڊريليٽرل ٽريفڪ ان ٽرانزٽ ايگريمنٽ ۾ ميمبرشپ جي ل??ءِ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده بين الپارلياماني تعاون جو جائزو ورتو، ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل پارليامينٽن ۾ تاجڪستان پاڪستان پارلياماني دوستي گروپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ لاڀائتي بين الپارلياماني تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ پارلياماني وفدن جي دورن جي انگ ۾ اضافي جي حمايت ڪئي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ موجوده جوائنٽ ورڪنگ گروپس پاران حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو، ڌرين پاران جوائنٽ ورڪنگ گروپس جي باقاعده ڳالهه ٻولهه جي حوصلا افزائي ڪئي وئي. ٻطرفي واپار جي موجوده سطح جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته هڪ وسيع صلاحيت موجود آهي جنهن کي گڏيل ڪوششن جي ذريعي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڌرين نئين ??اه??، موقعن ۽ منصوبن جي ڳولا ذريعي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب ڌرين واپاري لاڳاپن بشمول ترجيحي واپاري معاهدي جي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي سامان جي ل??ءِ ترجيحي منڊيءَ تائين پهچ جي ف??اه??ي تي پڻ اتفاق ڪيو. ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رستي، ريل ۽ هوائي رابطي کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ماهرن جي سطح تي مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو. واپار، اقتصادي ۽ سائنسي فني تعاون تي پاڪستان – تاجڪستان جي گڏيل ڪميشن جي اهميت جو ذڪر ڪندي ٻنهي ڌرين جلد کان جلد اسلام آباد ۾ گڏيل ڪميشن جي ستين اجلاس جي انعقاد جي ل??ءِ راضپو ظاهر ڪيو. پائيدار اقتصادي ترقي جي ل??ءِ قابل اعتماد بجلي جي ف??اه??ي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ڌرين فليگ شپ پاور پراجيڪٽ ڪاسا– 1000 جي جلد تڪميل جي ل??ءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي جي تڪميل سان مستقبل ۾ توانائي جي لنگهن جي ل??ءِ نيون ??اه??ن کلنديون جنهن سان ٻنهي طرفن ۽ پوري خطي جي ل??ءِ خوشحالي ايندي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي گوادر جي بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ۽ تاجڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن جي سهولتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو ف??اه?? ڪرڻ جي آڇ ڪئي. ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته پاڪستاني بندرگاهون وچ ايشيائي ملڪن بشمول تاجڪستان جي ل??ءِ وچ اوڀر ۽ ان کان ٻاهر جي منڊين جي ل??ءِ انتهائي موثر، مختصر ۽ اقتصادي رستو پيش ڪن ٿيون. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ جي معاهدي کي عملي جامعو پارائڻ ۾ اڳڀرائي جو پڻ ذڪر ڪيو جنهن تي ڊسمبر 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صحيحون ڪيون ويون هيون. وزيراعظم سي پيڪ کي خطي سان پاڪستان جي رابطي ۽ ان جي مستقبل جي ترقي جي طور تي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪهڙي طرح سي پيڪ جي پهرين مرحلي پاڪستان کي هڪ مضبوط انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي جڏهن ته فيز ٽو ب??يادي ڍانچي جي ترقي، گرين ڊيولپمينٽ، آءِ سي ٽي، صنعتڪاري ۽ زراعت کي جديد بڻائڻ تي مرڪوز آهي. تاجڪستان جي صدر سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي مهارت ۽ صلاحيتن کي سامهون رکندي پاڪستاني واپارين ۽ ڪاروباري برادري جي آجيان ڪئي ته اهي تاجڪستان جي آزاد اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪري ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۾ حصو وجهن. گڏيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين واپاري وفدن جي مٽاسٽا، واپاري فورمز/ نمائشن جي تنظيم ۽ تاجڪستان پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جي ميٽنگز جي شيڊيولنگ جي ذريعي ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. تاجڪستان ۽ پاڪستان جي اڳواڻن پاران دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ هن ان شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي آهستي آهستي ترقي جي آجيان ڪئي. بيان موجب تاجڪستان جي صدر مختلف شعبن ۾ تاجڪستان جي سرڪاري ڍانچي جي پيشيوراڻن ماڻهن جي تربيت ۾ پاڪستاني ادارن جي مهارت کي سا??اه??و، ڌُرين ٻنهي ملڪن جي شاگردن جي ل??ءِ وظيفن جي مٽاسٽا ۽ انعامن جي وسيلي تعليمي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ڌُرين عوام کان عوام جي رابطن جي واڌاري ۾ اسڪالرز، دانشورن ۽ اديبن جي بي پناهه تعاون کي تسليم ڪندي لاڳاپيل مُلڪن جي گادي وارن شهرن ۾ گهٽين/رستن جا نالا ٻنهي مُلڪن جي مشهور ادبي شخصيتن جي نالي تي رکڻ تي پُڻ اتفاق ڪيو، تاجڪستان جي صدر ۽ پاڪستان جي وزيراعظم ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ تعاون جي نئين دستاويز تي صحيحن کي ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ قانُوني بنيادن تي لاڳو ڪرڻ ۽ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سازگار موقعو تسيلم ڪيو. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر جا پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي دلي ۽ گرمجوشي سان مهمانوازي تي ٿورا مڃيا، پاڪستان جي وزيراعظم جمهُوريه تاجڪستان جي صدر کي مناسب موقعي تي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.