اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان سمورن ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ مصالحت جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، امداد لاءِ ٻين جي جنگ ۾ ٽپي ملڪ ت??ام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي اسان دنيا سان سڌ?? ڳالهه ڪندا آهيون ۽ اهڙو واعدو نٿا ڪريون جيڪو پورو نه ڪري سگهون، ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، ادارا هڪ ٻئي جي عزت ڪندا آهن، ادارن ۾ مثالي هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، ملڪ ۾ عدم استحڪام جي خواهش ر??ندڙن کي مايوسي ٿي، پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڪا به طاقت ان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي نٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن واري آفريقي ملڪن لاءِ پاڪستان جي سفيرن جي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪري رهيو هو.