اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس چيو ته 40 سالن کان افغان عوام مسئلن جو شڪار آهي، 40 سالن کان پ??ڪستان افغان پناهگيرن لاءِ پنهنجا دروازا کليا رکيا آهن، پاڪستان پنهنجي اندروني مسئلن جي باوجود افغان پناهگيرن لاءِ سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغان مسئلي جو سمورو حل افغان قيادت جي مشاورت ۾ ئي لڪل آهي، افغانستان ۾ امن جي ذر??عي لکين انسانن جون زندگيون تبديل ڪري سگهجن ٿيون، جنهن ??ان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي تي به مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪستان ۾40 سالن کان رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي ??ان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.