اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪورون?? جي صورتحال جي حوالي سان عوام کي مڪمل باخبر رکيو، اين سي او سي ۾ جيترا به فيصلا ٿيا ان ۾ سموريون ڌريون شريڪ هيون، ڪجهه پارٽيون ان معاملي تي سيا??ي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، حڪومت ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏئي رهي آهي، پيپ??زپ??رٽي کي اها ڳالهه هضم نه ٿي رهي آهي. هو مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ اڃا به ڪاٿن کان گهٽ آهي. هن چيو ته اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن سان اتفاق ڪري ٿو پر ڪراچي پهچي سنڌ جو وڏو وزير سمورن فيصلن کان انڪاري ٿي وڃي ٿو. هن سيا??ي پارٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ذميواري جو مظاهرو ڪن ۽ ڪورونا وائرس جي عالمي وب?? جي غيرمعمولي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ الزام هڻڻ کان پاسو ڪن.