لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪ??ڻ تي سينيٽر شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ??اراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران عوام کي ??ليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور حڪومتي قدمن کي ??هتر انداز ۾ اجاگر ڪ??ڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ??اراهيندي چيو ته تحريڪ ??نصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي ??ه هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام ج??ڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.