مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان جي ميزباني ۾ آزاد ڪش??ير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪش??ير جي صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والاريل ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي والاريل ڪش??ير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عوام قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم ??لا??ي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت ??ملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪش??ير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ ??لا??يندا، مودي جي انتها??سن??اڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪش??ير جي معاملي تي آزاد ڪش??ير جي سمورين سياسي پارٽين سمورن ادارن ۾ ڪش??ير جي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي وزارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪش??ير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.