اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ??لا??ات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ??لا??ات ۾ و??ير??عظم کيس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. و??ير??عظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ ??گاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ان سنگين صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. و??ير??عظم کيس ڪوويڊ 19 جي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ پنهنجي حڪومت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ ??گاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.