ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۾ ڪا??وب??ري طبقي جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي سمورين سهولتن جي فراهمي حڪومت جو فرض آهي، ڪا??وب??ر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ڪراچي ۾ واپاري ۽ ڪا??وب??ري طبقي جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چ??ي. ملاقات ۾ مصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ميري ٽائيم افيئر وارو وفاقي وزير علي زيدي، وفاقي وزير فيصل واوڊا، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ۽ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر به موجود هئا. وفد ۾ آصف اڪرام، نجيب ??لگ??والا، اعظم فاروق، بشير علي محمد ، فيصل مقبول شيخ، طارق شفيع ۽ محمد علي تابا شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 جي وبا جي حوالي سان ڪامياب حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪا??وب??ري طبقي کي مراعتون فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پي?? ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪا??وب??ري طبقو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري، ڪا??وب??ر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.