اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آڪٽوبر کان ڪويت جو د??رو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر ا??صب??ح جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي ??وجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر ا??صب??ح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ دلي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي ??هتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر ا??صب??ح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي وي??هو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي تعاون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.