اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 1302 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا ۽ 16 ماڻهو ان وائر?? سبب فوت ٿيا جنهن مان 22 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گ??رن ۾ قرنطينه دوران ان وائر?? سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 376 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 531، پنجاب ۾ 11 هزار 873، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 813، اسلام آباد ۾ 6 هزار 449 ، بلوچستان ۾ 598 ، گلگت بلتستان ۾ 405، آزاد ڪشمير ۾ 707 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 16 هزار 665 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مر??ض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 871 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 123 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 15 هزار 317 آهي.