اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت بلوچستان جي پوئتي پيل ڏاکڻين ضلعن لا??ِ وڏي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي جن??ن تحت انهن ضلعن ۾ بجلي، گئس ۽ رستن جي سهولت جي فراهمي لا??ِ ٽي سالن ۾ 600 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا، انهن ضلعن ۾ نيشنل گرڊ ۽ ٻين ذريعن مان بجلي فراهم ڪئي ويندي، جيڪي ماڻهو مهانگي گئس نٿا خريد ڪري سگهن انهن جي احساس پروگرام تحت مدد ڪنداسين، پيڪيج تحت 16 نون ڊيمن جي تعمير سان هڪ لک 50 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، گلگت بلتستان جي عوام تحريڪ ان??اف تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ان علائقي جي لا??ِ به جامع ترقياتي پيڪيج ڏنو ويندو، اندروني سنڌ ترقي جي لا??ِ جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، ڪراچي جي لا??ِ به پيڪيج ڏنو آهي، پي ڊي ايم جو بيانيو ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهي، عوام جي مسئلن تي ڳالهين لا??ِ اسان جا دروزا کليل آهن پر اين آر او نه ملندو. اطلاعات ۽ نشريات وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، مواصلات و??ري وزير مراد سعيد، دفاعي پيداوار و??ري وفاقي وزير زبيده جلال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي م??صوبابندي، ترقي ۽ سڌارن و??ري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وزيراعظم عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جن??ن گذريل ڏينهن تربيت جو دورو ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت جي ذميد??ري آهي ته ملڪ ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي سهارو ڏنو وڃي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ڏاکڻين ضلعن جي ترقي جي لا??ِ جيڪو پيڪيج ڏنو آهي ان ۾ اتي جي سڀ کان وڏين ضرورتن جو خيال رکيو ويو آهي، اتي جي نوجوان آبادي جو وڏو حصو آهن، اتي زراعت به هڪ وڏو ذريعو آهي جن??ن جي لا??ِ پاڻي جي ضرورت هوندي ۽ ان جي لا??ِ اتي ڊيم ٺاهڻ هڪ ضرورت آهي، انهن علائقن جي مجموعي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهيون.