اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان تحت منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جو م??تقل بنيادن ت?? حل انته??ئي ضروري آهي، قبضا هٽائڻ کان اڳ اتان جي مستحق رهواسين جي لاءِ اڳواٽ متبادل انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي. هو ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي حو??لي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.